ايران ۾ جنگ دوران 100 سول جهاز تباهه ٿيڻ جي تصديق

ايران تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل سان تازي جنگ دوران ملڪ جا 100 سول جهاز تباهه ٿيا.ايراني مواصلات واري وزير فرزانه صادق پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حملن ۾ ايئرپورٽن سان گڏ بجلي ۽ پاڻي جي تنصيبات کي به نقصان پهتو، جڏهن ته تباهه ٿيل مواصلاتي ڍانچو جلد بحال ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.هن چيو ته جنگ دوران به ريل، روڊن ۽ بندرگاهن ذريعي آمدرفت جو سلسلو جاري رهيو ۽ 8 جهازن ذريعي حج جون اڏامون پڻ ڪاميابي سان هلايون ويون.
ايراني وزير موجب آمريڪا 25 صوبن جي 400 شهرن تي بمباري ڪئي، جنهن سبب هڪ لک ڪمرشل ۽ رهائشي يونٽ متاثر ٿيا