برطانيا جي سئنيما گهرن ۾ ميٽا اي آءِ ۽ ٻين ڪيمرا ليس اسمارٽ گلاسز تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو پيو وڃي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب برطانيا جي سئنيما ايسوسيئيشن (UKCA) پائريسي جي خدشن سبب سئنيما گهرن ۾ ميٽا اي آءِ گلاسز سميت ٻين اسمارٽ گلاسز جي استعمال تي پابندي بابت غور ڪري رهي آهي.رپورٽن مطابق سئنيما آپريٽرز اهڙيون پاليسيون متعارف ڪرائي رهيا آهن، جن تحت ڪيمرا لڳل اسمارٽ گلاسز سئنيما هال اندر استعمال ڪرڻ تي پابندي هوندي.سئنيما گهرن ۾ اهڙي پابندي جو مقصد فلمن جي غيرقانوني رڪارڊنگ ۽ پائريسي کي روڪڻ سان گڏ تماشائين جي رازداري جو تحفظ ڪرڻ آهي.واضح رهي ته هلندڙ مهيني برطانيا ۽ ويلز جي عدالتن ۾ به عدالتي ڪارروائين دوران تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهڻ لاءِ ميٽا اسمارٽ گلاسز جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي هئي.ٻئي طرف ميٽا جو چوڻ آهي ته وڊيو رڪارڊ ڪرڻ وقت اسمارٽ گلاسز تي ايل اي ڊي لائيٽ روشن ٿيندي آهي، جنهن سان ماڻهن کي رڪارڊنگ بابت خبر پئجي سگهي ٿي.ميٽا اسمارٽ گلاسز جو دفاع ڪندي چيو آهي ته اهي نظر يا ٻڌڻ کان محروم ماڻهن لاءِ معاون ٽيڪنالاجي طور پڻ ڪم ڪن ٿا ۽ کين مختلف سهولتون فراهم ڪن ٿا.
