اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ پنجين ڏينهن به برسات، نالي لئي ۾ پاڻي وڌڻ جو خدشو

اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت جڙواں شهرن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مسلسل پنجين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب نالي لئي ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. نالي لئي ۾ ڪٽاريان وٽ پاڻي جي سطح 13 فوٽ، جڏهن ته گوالمنڊي وٽ 9 فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.پاڻي جي سطح وڌڻ جي خطري کي نظر ۾ رکندي ريسڪيو 1122 جون ٽيمون سمورن هيٺاهين وارن علائقن ۾ مقرر ڪيون ويون آهن. واٽر ريسڪيو ٽيمون، ايمبولينسون، ريسڪيو ۽ فائر گاڏيون ۽ ٻيڙيون پڻ مقرر هنڌن تي موجود آهن.ڪٽاريان، گوالمنڊي، شارون ڪالوني، ضياءَ ڪالوني، ڊهوڪ رتا، جاويد ڪالوني، ڊهوڪ نجو، بنگش ڪالوني، ڊهوڪ متڪال، ڊهوڪ الهيٰ، ڊهوڪ دلال ۽ بکرامنڊي سميت ٻين علائقن ۾ به ريسڪيو ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن.
ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي موجب نالي لئي سميت ٻين نالن جي نگراني سيف سٽي ڪيمرائن ذريعي پڻ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته شهر ۾ رين ايمرجنسي لاڳو آهي.