وائيٽ هائوس ۾ بال روم جي تعمير تي ٽرمپ کي سپريم ڪورٽ کان عبوري اجازت

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي وائيٽ هائوس ۾ نئين بال روم جي تعمير جي معاملي تي سپريم ڪورٽ کان وڏو عدالتي رليف ملي ويو آهي.
رپورٽن موجب، سپريم ڪورٽ صدر ٽرمپ کي بال روم جي تعمير جاري رکڻ جي عبوري اجازت ڏئي ڇڏي آهي. چيف جسٽس جان رابرٽس جي حڪم تحت اها اجازت ان وقت تائين برقرار رهندي، جيستائين ڪيس جو حتمي فيصلو سامهون نٿو اچي.ان کان اڳ هڪ وفاقي عدالت ڪانگريس کان باقاعده منظوري نه ملڻ جي بنياد تي بال روم جي تعمير روڪڻ جو حڪم ڏنو هو. ان بعد ٽرمپ انتظاميا سپريم ڪورٽ سان فوري مداخلت جي درخواست ڪئي، جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو.
بال روم جي تعمير بابت حتمي ۽ مستقل فيصلو اڃا اچڻو آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جو تازو