آزاد ڪشمير ۾ حڪومت سازي جي معاملي تي سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. ذريعن موجب پاڪستان مسلم ليگ (ن) حڪومت سازي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي سان پس پرده رابطا ڪيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ پيپلز پارٽي کي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندي صدر آزاد ڪشمير ۽ ڊپٽي اسپيڪر سميت اهم عهدن جي آڇ ڪئي.بهرحال، اندروني ذريعن موجب پيپلز پارٽي ن ليگ جي اها آڇ رد ڪندي اسيمبلي ۾ اپوزيشن طور ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پيپلز پارٽي ايندڙ مرحلي لاءِ وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن تي پنهنجا اميدوار بيهارڻ جو فيصلو پڻ ڪيو آهي.پي پي ذريعن موجب ن ليگ سان ڪنهن به ڳالهين کي ڪجهه ڌرين طرفان ٻيهر چونڊن جي معاملي سان مشروط ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته ن ليگ مظفرآباد ڳالهين ۾ طئي ٿيل ۽ تسليم ڪيل نقطن تي به عمل نه ڪيو آهي.