منگھوپير ۾ بجلي جي کوٽ خلاف احتجاج، ڪي اليڪٽرڪ جو موقف سامهون اچي ويو

ڪراچي جي علائقي منگھوپير روڊ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بجلي جي عدم فراهمي خلاف احتجاج تي ڪي اليڪٽرڪ جو ردعمل سامهون اچي ويو آهي.ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب منگھوپير جي ڪجهه فيڊرز تي بجلي جي نقصان يعني لائن لاسز جي شرح 80 سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته بجلي چوري، ڪنڊا ڪلچر ۽ بجلي جا بل ادا نه ڪرڻ لائن لاسز جا اهم سبب آهن.ڪي اليڪٽرڪ موجب علائقي ۾ لوڊشيڊنگ جو مدو بجلي چوري ۽ لائن لاسز جي شرح تي منحصر هوندو آهي. ڪمپني منگھوپير جي رهواسين کي بجلي جا بل وقت سر ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.ترجمان موجب جن علائقن ۾ لائن لاسز 70 کان 80 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ هجن، اتي سسٽم کي محفوظ رکڻ لاءِ ڊگهي ۽ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي آهي. ان صورتحال سبب باقاعدگي سان بل ادا ڪندڙ صارفين کي به ڊگهي بجلي بندش کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.ٻئي طرف ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بجلي ۽ پاڻي جي عدم فراهمي خلاف احتجاجن جو سلسلو جاري آهي. مظاهرن سبب ڪيترن ئي هنڌن تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيڻ ڪري شهرين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.