اربيل: عراق جي نيم خودمختار ڪردستان خطي جي دارالحکومت اربيل ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بارو ويو آهي، جتي ايران طرفان ڪيترائي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا آهن. مقامي ذريعن موجب انهن حملن جي نتيجي ۾ علائقي اندر موجود اهم آمريڪي تنصيبات کي سخت نقصان پهتو آهي ۽ انهن جي تباهه ٿيڻ جون پڻ دعويٰ ڪيون پيون وڃن.
ار��يل شهر کي آمريڪي فوجي موجودگي جي حوالي سان انتهائي اهم حيثيت حاصل آهي، جتي اڳ ۾ پڻ اهڙا حملا رڪارڊ ڪيا ويا آهن. تازن حملن بعد علائقي ۾ سخت سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ۽ دفاعي نظام کي وڌيڪ فعال ڪيو ويو آهي ته جيئن ممڪن خطرن سانτεز جي نبردآزما ٿي سگهجي.
ٻئي طرف، هن تازي واقعي بعد خطي ۾ سياسي ۽ فوجي ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. عالمي برادري ۽ لاڳاپيل ڌرين طرفان صورتحال تي گهري نظر رکي پئي وڃي، جڏهن ته آمريڪي اختيارين طرفان حملن جي نقصان جي حوالي سان حتمي تفصيل سامهون اچڻا باقي آهن.
