پٿورو: پٿورو لڳ موڙو ڪولهيتي ۾ هندن جيپوترتهوار ڪانوڙي ۽ ٿڌڙي جي خوشيءَ ۾ ڪولهي برادري طرفان ٻه ڏينهن جاري رهندڙ سنڌ جي تاريخي ثقافتي راند ملهه جو ملاکڙو شاندار نموني پڄاڻيءَ تي پهچي ويو. هن رواتيني ۽ ثقافتي تقريب ۾ سنڌ جي اتر، لاڙ سميت پنجاب مان پڻ ناميارن پهلوانن وڏي انگ ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجي فني مهارت جو زبردست مظاهرو ڪند حاضرين جون واه واه حاصل ڪئي.
مقابلن دوران پهلوانن جي وچ ۾ سخت ۽ ڪَڙا مقابلا ڏسڻ ۾ آيا، جنهن ۾ رجب راهمون، نور احمد پنجابيءَ کي شڪست ڏئي ٻانهن ۾ هوڪرا ڪرائي ڇڏيا. هڪ ٻئي دلچسپ جوڙي ۾ گڻيش ڀيل، ارباب خاصخلي کي مات ڏئي ملهه ماري ورتي، جڏهن ته نارو ڪولهي، عرس مري کي شڪست ڏئي پنهنجو نالو فاتحن ۾ شامل ڪرايو. ان کان علاوه يار محمد، نور حسن پنجابي ۽ غلام فريد شاهھاڻي پڻ پنهنجي وزن ۽ جوهر جو مظاهرو ڪندي ميدان مالهائي ورتو.
ملاڪڙي جي پڄاڻي واري تقريب ۾ مهمانِ خاص محمد رمضان نوڙهي، محمد حنيف نوڙهي، عالم ڪولهي، ناگجي ڪولهي ۽ ڪانجي ڪولهي سميت ڪولهي برادري جي معززن شرڪت ڪئي. هنن ڪامياب پهلوانن ۾ سنڌ جي سڃاڻپ اجرڪ جا تحفا ۽ نقد روڪ انعام ورهايا، جڏهن ته ملاکڙو ڏسڻ لاءِ آءِ هزارين ماڻهن سنڌ جي هن قديم ثقافتي راند کي زبردست داد ڏنو.
