ٿر ۾ 6 ڪلوميٽر روڊ جي تعميراتي رٿا ۾ سنگين بيقاعدگين جو انڪشاف، رپورٽ غير تسلي بخش قرار

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي رٿابندي ۽ ترقيات کاتي جي مانيٽرنگ سيل، ايم اي سي (MEC) پاران ٿر جي علائقي جوڳي ويرو کان ڪنڪائيو تائين 6.033 ڪلوميٽر روڊ جي تعمير واري ترقياتي اسڪيم جي فيلڊ مانيٽرنگ ڪرڻ بعد هڪ تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل سرڪاري رپورٽ ۾ مذڪوره اسڪيم جي موجوده صورتحال کي انتهائي غير تسلي بخش قرار ڏنو ويو آهي.

مانيٽرنگ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته روڊ جي تعميراتي ڪم دوران سنگين فني خاميون، ناقص مٽيريل جو استعمال ۽ وڏيون بي ضابطگيون سامهون آيون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ترقياتي رٿا ۾ معيار کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري عوامي پئسي جو وڏو نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي.

رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته انهن سنگين خامين جي فوري اصلاح لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن ۽ لاڳاپيل اسڪيم ٽيم سان گڏ هڪ هنگامي اجلاس گهرايو وڃي. ان کان علاوه، لاڳاپيل کاتي کي سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته مانيٽرنگ رپورٽ ۾ ڏنل مشاهدن تي فوري طور تي عمل ڪندي سمورين خامين جي خاتمي لاءِ هڪ جامع ريڪوري پلان تيار ڪيو وڃي ته جيئن رٿا کي معيار مطابق مڪمل ڪري سگهجي.