علي حسن زرداري جي 17 سيڪنڊن جي مختصر تقرير، نعرا هڻي ويهي رهيو

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي قيام واري مامري تي جاري بحث دوران پاڪستان پيپلز پارٽي (PPP) جي ميمبر ۽ صوبائي وزير علي حسن زرداري کي تقرير جو موقعو ملڻ تي دلچسپ صورتحال سامهون آئي، جتي هن صرف 17 سيڪنڊن جي مختصر تقرير دوران ڪو به تفصيلي بيان ڏيڻ بجاءِ رڳو نعرن تي اکتفا ڪئي.

صوبائي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نون صوبن ج حوالي سان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو پاران پيش ڪيل التويٰ واري رٿ تي چوٿين ڏينهن به بحث جو سلسلو جاري رهيو. ان موقعي تي جڏهن اسپيڪر علي حسن زرداري کي مائيڪ حوالي ڪيو ته ايوان ۾ موجود پ پ جي ساٿي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس شاندار استقبال ڪيو.

علي حسن زرداري پنهنجي باري اچڻ تي ڪو به سياسي يا تحقيقي بحث ڪرڻ بدران صرف اهو چيو ته ڌرتي منهنجي ماءُ آهي، جنهن کانپوءِ هن جوش سان جيئي ڀٽو ۽ جيئي شهيد راڻي جا نعرا هنيا ۽ بغير ڪنهن تقرير جي واپس پنهنجي ڪرسي تي اچي ويهي رهيو، جنهن تي ايوان ۾ ڪجهه وقت لاءِ خوشگوار ماحول پيدا ٿي ويو.