نون صوبن جي قيام جي ڀرپور حمايت، پنجاب ۾ 6 کان 10 نوان صوبا ٺاهڻ جو مطالبو

پاڪستان ڪسان اتحاد جي صدر خالد محمود کوکر نون صوبن جي قيام جي ڀرپور حمايت ڪندي چيو آهي ته عوام جا مسئلا سندن دروازن تي حل ڪرڻ لاءِ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جو قيام وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪو آهرحيم يار خان ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي خالد محمود کوکر چيو ته رحيم يار خان جي هاري کي پنهنجي جائز حقن، انصاف، تعليم ۽ بنيادي مسئلن جي حل لاءِ مجبور ٿي ڊگهو سفر ڪري لاهور جا چڪر لڳائڻا پون ٿا. هن موجوده انتظامي نظام کي مفلوج قرار ڏيندي مطالبو ڪيو ته عوام کي فوري ۽ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ رڳو پنجاب ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 کان 10 نوان صوبا قائم ڪيا وڃن.هن دعويٰ ڪئي ته صوبائي بجيٽ ۾ ڏکڻ پنجاب جو حصو 35 سيڪڙو هجڻ گهرجي، پر عملي طور تي کيس مشڪل سان 12 سيڪڙو حصو ڏنو پيو وڃي.هوڏانهن حسن ابدال جي شهرين ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پڻ بهتر حڪمراني، عوامي مسئلن جي ترت حل ۽ بنيادي سهولتن جي بنا رڪاوٽ فراهمي لاءِ نون صوبن جي قيام جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي.تقريب جي مقررين جو چوڻ هو ته ملڪ جي سمورن علائقن کي هڪجهڙا ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ ملڪ جي بقا لاءِ نوان صوبا هاڻي ناگزير بڻجي چڪا آهن.مقررین مطالبو ڪيو ته عوام کي هيٺين سطح تي بااختيار بڻائڻ لاءِ نون انتظامي يونٽن سان گڏ مضبوط ۽ بااختيار مڪاني حڪومتن جو نظام پڻ قائم ڪيو وڃي.