ڪراچي نيپال ۾ تباھ ڪندڙ ٻوڏ ۽ انڊونيشيا ۾ خوفناڪ جھ نگلي باھ جي واقعن سڄي دنيا جو ڌيان ھڪ دفعو پاسداري وارن سنجيدھ خطرن ڏانھن ڇڪايو آھي. اھي قدرتي آفتون ۽ موسمي ناھمواريون ڪنھن ھڪ خطي تائين محدود نھ آھن، پر انھن جا گھرا اثر سڄي دنيا جي معيشت ۽ انسانيت تي پئجي رھيا آھن. جيڪڏھن انھن تباھھ ڪندڙ واقعن جو گھرايو وڃي تھ انھن جا تند ۽ تار تيل جي ڪارخانن، صنعتي آلودگي ۽ پلاسٽڪ جي بي پناھڍيرن سان وڃي ملن ٿا، جنھن کي اڄوڪي دور ۾ موسمياتي تبديلي جو سڀ کان و و بحران قرار ڏنو پيو وڃي
ماھرن جو چوڻ آھي تھ موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ عالمي گرمي پد ۾ واڌ، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ غير يقيني برساتن سڌو سنئون زراعت کي سخت نقصان پھچايو آھي. سنڌ سميت پوري خطي ۾ فصلن جي پوکڻ ۽ پيداوار تي ان جا بدترين اثر پئجي رھيا آھن، جنھن ڪري ايندڙ وقت ۾ لکين انسانن جي کاڄ کاڌ خوراڪ ۽ غذائي تحفظ کي وڏو خطرو لاحق ٿي چڪو آھي. عام شھري، جيڪي ھن صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، اھي اڃا تائين ان تباھيءَ جي سنگين نتيجن کان مڪمل طرح آگاھ نھ آھن
حڪومتن ۽ لاڳاپيل ادارن تي فرض عائد ٿئي ٿو تھ اھي فوري طور تي مضبوط قدم کڻندي گرين ھائوس گيسز جي اخراج کي گھٽائڻ لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙين. ان کان علاوھ، ماحولياتي آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۽ وڻڪار کي وڌائڻ لاءِ ھنگامي بنيادن تي مھم ھلائڻ گھرجي تھ جيئن ايندڙ نسلن لاءِ ھڪ محفوظ ۽ سرسبز ڌرتي کي يقيني بڻائي سگھجي.
