پرڏيهي وزارت پرڏيهي ملڪن جي جيلن ۾ پاڪستاني قيدين جي تعداد جا تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا. پرڏيهي وزارت جي انگن اکرن موجب تقريبن 23 هزار 456 پاڪستاني شهري سڄي دنيا جي مختلف ملڪن جي جيلن ۾ قيد آهن، قيدين جو سڀني کان وڏو انگ عرب ملڪن ۾ آهي، سعودي عرب ۾ 12 هزار 156 ڄڻا قيد آهن. سينيٽ ۾ جمع ڪرايل پرڏيهي وزارت جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته يو اي اي ۾ 5 هزار 292 پاڪستاني شهري قيد آهن، يونان ۾ 811 پاڪستاني جيلن ۾ قيد آهن جڏهن ته قطر ۾ 338 شهري جيلن ۾ قيد آهن. پرڏيهي وزارت طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته پرڏيهي وزارت سمورن مشنز ۽ ذيلي مشنز سان اڳوڻن 10 سالن جا انگ اکر حاصل ڪرڻ تي عمل ڪري رهي آهي.