“24 ادارن جي نجڪاري جو وڏو فيصلو – قومي اسيمبلي ۾ منصوبي جا مرحلا پيش”

وفاقي حڪومت سرڪاري ملڪيتن جي منتقليءَ بابت وڏو قدم کڻندي 24 سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو 3 مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. نجڪاري جي تفصيلن تي ٻڌل فهرست قومي اسيمبلي اجلاس دوران وفاقي وزير عبدالعليم خان پيش ڪئي.
عبدالعليم خان ٻڌايو ته حڪومت پاران تيار ڪيل منصوبي موجب:
✳️ پهريون مرحلو (1 سال):
10 ادارا هڪ سال جي اندر نجي شعبي حوالي ڪيا ويندا. انهن ۾ شامل آهن:
پي آءِ اي (قومي ايئر لائين)
روز ويلٽ هوٽل
زرعي ترقياتي بينڪ
آئيسڪو ۽ ٻيا 2 ڊسڪوز (بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون)
✳️ ٻيو مرحلو (3 سال):
13 ادارن جي نجڪاري ايندڙ ٽن سالن ۾ ڪئي ويندي.
ليسڪو سميت 9 ڊسڪوز
فرسٽ ويمن بينڪ
هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن
اسٽيٽ لائف انشورنس
يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن
چار جينڪوز (بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنيون)
✳️ ٽيون مرحلو (5 سال):
پوسٽل لائف انشورنس ڪمپني کي نجي شعبي حوالي ڪرڻ جو عمل 5 سالن اندر مڪمل ڪيو ويندو.