26هين ترميم کان پوءِ حڪومت ساڳيا ڪم شروع ڪري ڇڏيا جنهن کان کين روڪي رهيا هئاسين: فضل الرحمان

جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم کان پوءِ حڪومت ساڳيا ڪم شروع ڪري ڇڏيا آهن جنهن کان اسان کين روڪي رهيا هئاسين. لوڌران ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ تي دٻاءُ وڌو ويو ته ترميمي بل جنهن پوزيشن ۾ آهي انهي کي پاس ڪريو پر اسان بل جي 56 شقن مان 34 ڪٽرايون هيون. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان حڪومت سان هڪ مهيني تائين ڳالهيون ڪيون پهريان اهي اسان کان مسودو لڪائيندا رهيا جڏهن اسان مسودو ڏٺو ته اسان انهن جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سفارشن تي اڄ تائين قانون سازي نه ٿي سگهي. وفاقي شرعي عدالت فيصلو ڏنو هو ته معاشري مان وياج جي نظام جو خاتمو ڪيو وڃي. پهرين جنوري 2028 کان ملڪ مان وياج جو نظام ختم ٿيڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان چيو ته ديني مدرسن جي حوالي سان چونڊن کان اڳ هڪ مسودي تي اتفاق ٿي ويو هو مدرسا دين جو مسئلو آهن قوم جي رهنمائي ڪن ٿا اسان انهن کي ختم ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته اسان پوري ملڪ ۾ روڊن تي نڪرڻ تي مجبور ٿينداسين.