وزيراعظم شهباز شريف اڄ ڪراچي جي دوري تي پهچندو، اهم فيصلن جو امڪان

وزيراعظم شهباز شريف اڄ ڪراچي جو دورو ڪندو جتي اهم فيصلن جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي ۾ ڪاروباري ماڻهن ۽ ايڪسپورٽرز سان اهم اجلاس صدارت ڪندو. سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه به اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم جي دوري دوران ڪراچي پورٽ جي معاملن ۾ بهتري جي حوالي سان اهم فيصلن جو امڪان آهي. وزيراعظم ڪراچي پورٽ جو دورو ڪندي، آپريشنز جو جائزو به وٺندو جڏهن ته وزيراعظم کي ڪي پي ٽي پورٽ قاسم اٿارٽي، پي اين ايس سي بابت بريفنگ ڏني ويندي.وزيراعظم کي ملڪ جي آمدني ۾ اضافي، ڪاروباري برادري کي سهوليتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف برآمدي ۽ درآمدي شعبي جي اصلاحات جي حوالي سان بريفنگ وٺندو ۽ ان حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويندا.