9 مئي جا منصوبا تيار ڪندڙن کي سزا ملڻ تائين حقيقي انصاف نٿو ملي سگهي: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته 9 مئي جا منصوبا تيار ڪندڙن کي سزا ملڻ تائين حقيقي انصاف نٿو ملي سگهي. سماجي رابطن جي ويب سائٽ(ايڪس) تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بريفنگ، چڙ ڏياريندڙ تقريرن ۽ ڪوڙن بيانن جي پکيڙ خلاف پاڪستان جي پرعزم موقف کي اجاگر ڪري ٿي. هن چيو ته برطانيه، فرانس ۽ آمريڪا ۾ ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ فوري ڪارروائي ڪئي ويندي، اهڙي طرح جيستائين 9 مئي جي ماسٽر مائنڊ ۽ انهي ۾ ملوث ماڻهن کي سزا نٿي ڏني وڃي، حقيقي انصاف نٿو ملي سگهي. ليگي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ استحڪام ۽ انصاف جي لاءِ فوري طور تي فيصلي وارا  قدم تمام گهڻو ضروري آهن.