سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي 9 مئي ڪيسز بابت ضمانت جي اپيلن تي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي آهي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ عمران خان جي 9 مئي ڪيسز بابت ضمانت جي اپيلن تي ٻڌڻي جي لاءِ موجود هو انهي موقعي تي عمران خان طرفان وڪيل سلمان اڪرم راجه عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ججز کان ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي. وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته سلمان صفدر جي التوا جي درخواست آهي ايندڙ هفتي جي تاريخ ڏئي ڇڏيو ۽ نوٽيس به جاري ڪريو. جنهن کان پوءِ عدالت سلمان اڪرم راجه جي استدعا منظور ڪندي عمران خان جي اپيلن جي ٻڌڻي 12 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.