9 مئي ۽ 26 نومبر تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو وڃي: صاحبزاده حامد رضا

سني اتحاد ڪونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا چيو آهي ته 26 نومبر تي پاڪستان جي عوام تي حملو ٿيو، 9 مئي تي 26 نومبر تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو وڃي. پي ٽي آءِ باني عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات کان پوءِ پي ٽي اڳواڻن سان گڏ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته 31 جنوري 2025 تائين ڳالهين کي منطقي انجام تائين پهچائڻ چاهيون ٿا، اسان جي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بنايو ويو.. صاحبزاده حامد رضا چيو ته عمران خان چيو آهي ته هو پنهنجي مٿان ٿيندڙ قاتلاڻي حملي، پاڻ سان ٿيل ناروا سلوڪ کي پاڪستان جي خاطر معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته عمران خان وڏي وزير علي امين گنڊاپور تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ سمورن ڪارڪنن کي فسطانيت کي منهن ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. سني اتحاد ڪونسل جي سربراهه چيو ته پي ٽي آءِ باني ڪرم جي معاملي تي علي امين گنڊاپور ۽ علامه راجا ناصر عباس سان خصوصي ڳالهيون ڪيون آهن ۽ جلد کان جلد انهي مسئلي کي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جا 2 مطالبا آهن، 9 مئي تي سپريم ڪورٽ جي سينئر ججن تي ٻڌل جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو وڃي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون آندا وڃن، انهي کان علاوه 26 نومبر تي  اسان جو موقف چٽو آهي ته اتي گولي هلي، اهو پاڪستان جي عوام ۽ جمهوريت تي حملو هو. صاحبزاده حامد رضا چيو ته اسان جو ٻيو مطالبو 9 مئي ۽ انهي کان پوءِ سمورن ڪيسز ۾ سياسي قيدين جي آزادي جو آهي، اهڙن سمورن ماڻهن جي آزادي ايجنڊا جو حصو آهي. عمران خان جي آزادي ڪنهن به ڊيل جي ذريعي نه ٿيندي، هو عدالتن ۾ پنهنجن سمورن ڪيسن کي منهن ڏيڻ کان جيل کان ٻاهر ايندو. هن چيو ته اسان جي ڪميٽي حڪومت کان سياسي انتقام کي روڪڻ تي ڳالهيون  ڪندي، عمران خان افغانستان تي حملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ معاملن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.