88

پاڪستاني روپئي جي اڏام جاري آمريڪي ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو

ڪراچي : پاڪستاني روپئي جي اڏام جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب آمريڪي ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو آهي انٽربئنڪ ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي مستحڪم ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي فاريڪس انڊيڪس موجب انٽربئنڪ ۾ ڊالر 2 روپيه 41 پئسا سستو ٿي ويو جنهن کان پوءِ ڊالر 231 روپيه 50 پئسن تي وڪرو ٿي رهيو آهي ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس ۾ 127 پوائنٽن جو اضافو ٿيو آهي ڪاروبار دوران انڊيڪس 41 هزار 600 کان وڌيڪ پوائنٽن جي سطح تي وڪرو ٿيندي ڏٺو ويو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو