ڪنڌڪوٽ : تنگواڻي لڳ ڳوٺ بخشيو خان بهلڪاڻي ۾ معصوم نينگري ارڙي وگهي سبب فوت

ڪنڌڪوٽ : تنگواڻي لڳ ڳوٺ بخشيو خان بهلڪاڻي ۾ معصوم نينگري ارڙي وگهي سبب فوت.گهر ۾ ڪهرام .سندس ماء کي دورا پوڻ لڳا.خبر موجب تنگواڻي لڳ ڳوٺ بخشيو خان بهلڪاڻي ۾ 5 ورهين جو معصوم نينگري فاطمه ڌيء حاڪم علي بهلڪاڻي ارڙي وگهي سبب فوت ٿي ويئي جڏهن ته گهر ۾ ڪهرام متل آھي ۽ سندس ماء کي بي هوشي جا دورا پوڻ لڳا.نينگري جي پيء سڏڪا ڀريندي ۽ روئيندي صحافين کي ٻڌايو ته هن غربت هوندي به مزدوري ڪري ۽ گهر جا ٽپڙ وڪڙي پراوئيٽ اسپتالن ۾ ڌيء جو علاج ڪرايو مگر هن جي ڌيء نه بچي سگهي ۽ هن جو گهر اجڙي ويو