وفاقي وزيرن جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات، سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاج نه ڪرڻ جي اپيل

اسلام آباد : ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُالله پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن مولانا فضل الرحمان سان سپريم ڪورٽ جي ٻاهران احتجاج نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.ان حوالي سان اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به ملڪ ۾ حالتون خراب ٿيون ان ڪري وفاقي حڪومت چاهي ٿي ته پي ڊي ايم ڊي چوڪ تي احتجاج ڪري.وفاقي وزيرن جي اپيل تي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان اعلان ڪري چڪا آهيون ته فيصلو هاڻ عوام جي عدالت ۾ ٿيندو سڄي ملڪ مان قافلا اسلام آباد طرف روانا ٿي چڪا آهن. فضل الرحمان چيو ته ڪارڪن پرامن آهن ۽ اسان جو احتجاج پرامن هوندو. اسان جا ڪارڪن ڪنهن به قسم جو نقصان نه ڪندا.ياد رهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ عدالتي رويي خلاف سڀاڻي سپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي.