ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پارليامينٽ ئي سپريم آهي، سڀني کي ان جي آڏو ڪنڌ جهڪائڻو پوندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته 14 مئي پاڪستان ۽ جمهوريت لاءِ تاريخي ڏينهن آهي. اڄوڪي ڏينهن شهيد بينظير ڀٽو ۽ نوازشريف ميثاق جمهوريت جي دستاويز تي صحيحون ڪيون. ميثاق جمهوريت تي ثابت قدمي سان عمل ڪرڻ سان ملڪ جي وقار ۾ اضافو ۽ جمهوريت مضبوط ٿئي. بلاول ڀٽو چيو ته آصف علي زرداري ميثاق جمهوريت تي عمل ڪندي اختيار پارليامينٽ جي حوالي ڪيا. 18هين آئيني ترميم وفاق ۽ سمورن يونٽن وچ ۾ هڪ ميثاق آهي. اڄ پارليامينٽ تي حملا ٿي رهيا آهن ۽ ان جي اختيارن کي چئلينج ڪيو پيو وڃي، نئون آئين لکيو پيو وڃي جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪنهن به صورت ۾ منظور نه آهي. آئين سازي جو اختيار صرف پارليامينٽ کي حاصل آهي. بلاول چيو ته رياست جي ٻين ادارن جو فرض آهي ته اهي پارليامينٽ جي منظور ڪيل قانون تي عمل ڪن. پارليامينٽ ميمبر ۽ جمهوريت پسند سياسي پارٽيون بااختيار پارليامينٽ جي اصول تي هڪ پيج تي آهن. ميثاق جمهوريت تي سختي ۽ ثابت قدمي تي عمل سان غير جمهوري سوچ کي شڪست ڏيڻي پوندي.
