آرمي چيف جنرل عاصم منير جو متحده عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد سان ٽيليفون تي رابطو

راولپنڊي:  آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ متحده عرب امارات جي صدر وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ متحده عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو جنهن ۾ ٻطرفي دفاعي لاڳاپن ۽ فوجي تعاون تي ڳالهيون ڪيون ويون.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ يو اي اي صدر وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.