پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش

اسلام آباد: عدالتي حڪم تي تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچايو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فواد چوڌري جي گرفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب فواد چوڌري کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
فواد چوڌري جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته فواد چوڌري بڪتر بند گاڏي ۾ موجود آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي حڪم تي فواد چوڌري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته چيف جسٽس هڪ آرڊر جاري ڪيو آهي جنهن تي عمل ناهي ٿي سگهيو. آرڊر نه آءِ جي اسلام آباد ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي ڏٺو. جڏهن اوهان ان کي گرفتار ڪيو ته ان وقت آرڊر ڏيکاريو ويو اوهان وٽ آرڊر جي تصديق جا ڪيترائي طريقا هئا. 9 مئي خوشگوار ڏينهن نه هو خدشا صحيح هئا.عدالت چيو ته درخواستگذار آزاد ٿيڻ کان پوءِ انڊر ٽيڪنگ ڏئي ته هو قلم 144 جي ڀڃڪڙي نه ڪندو ۽ اهو به يقين ڏياريندو ته قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪندو. انڊر ٽيڪنگ جي ڀڃڪڙي ٿي ته انهن پارليامينٽ ميمبرن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي. ان آڌار تي پارليامينٽ جا ميمبر نااهل به ٿي سگهن ٿا. عدالت وقت ڏئي رهي آهي ته ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ۽ آءِ جي هن معاملي کي ڏسن.