اسلام آباد : پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پنهنجي خطاب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان عدالت جو وقار بحال ڪرڻ چاهيون ٿا، اڄوڪي تاريخي ميڙاڪي ٻڌائي ڇڏيو ته فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي.هن چيو ته سڄي پوليس ۽ رينجرز هٽي وڃي، اسان سپريم ڪورٽ جي عمارت جي حفاظت ڪنداسين، ڪو ماءُ جو پٽ ميري اک سان به هن عمارت کي نٿو ڏي سگهي، هاڻ فيصلو پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آهي.سندس چوڻ هو ته اڄ اسلام آباد ۾ عوام جي عدالت لڳي آهي، عدليه جو احترام ڪرڻ تي يقين رکون ٿا، اسلام عدل ۽ انصاف جو حڪم ڏنو آهي، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه اسيمبليون نه ٽوڙيون وڃن ها ته اڄ بحران نه هجي ها.مولانا فضل الرحمان ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ڪنهن تي انصاف جي ذميواري هجي ته ان کي هر ڌر کي ڏسڻ گهرجي.
