64

اسلام آباد :هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري جي ٿري ايم پي او تحت گرفتاري ڪالعدم قرار ڏيندي کيس فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب شيرين مزاري جي گرفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.شيرين مزاري جي ڌيءَ ايڊووڪيٽ ايمان مزاري گرفتاري خلاف هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو شيرين مزاري پاران زينب جنجوعا ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته شيرين مزاري تي الزام آهي ته هن 9 مئي تي ڪارڪنن کي وڳوڙن لاءِ ڀڙڪايو. 9 مئي تي شيرين مزاري پنهنجي گهر ۾ هئي ۽ کيس اتان ئي گرفتار ڪيو ويو.زينب جنجوعا چيو ته شيرين مزاري جي گهر ۾ موجودگي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي رڪارڊ مان ثابت ڪري سگهجي ٿي. عدالت سوال ڪيو ته اهو ٻڌايو ته شيرين مزاري جي عمر ڪيتري آهي؟ ان تي زينب جنجوعه ٻڌايو ته شيرين مزاري جي عمر 72 سال آهي کيس ميڊيڪل جا مسئلا به آهن. عدالت دليل ٻڌڻ بعد شيرين مزاري جي ٿري ايم پي او تحت گرفتاري ڪالعدم قرار ڏيندي کيس آزاد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو