اوهان کي ڏسي خوشي ٿي، هر ڪنهن کي چوندو آهيان: چيف جسٽس وضاحت پيش ڪري ڇڏي

اسلام آباد: چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته مون کي(گڊ ٽو سي يو) چوڻ تي تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي اوهان کي ڏسي خوشي ٿي ته مان هر ڪنهن کي چوندو آهيان.سپريم ڪورٽ ۾ سول ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال وڪيل اصغر سبزواري کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي ڏسي خوشي ٿي، اوهان ڪافي وقت کان پوءِ منهنجي عدالت ۾ آيا آهيو.چيف جسٽس عمران خان  جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران(گڊ ٽو سي يو) چوڻ تي ٿيندڙ تنقيد جي وضاحت ڪندي چيو ته اوهان کي ڏسي خوشي ٿي، ائين ته مان هر ڪنهن کي چوندو آهيان مون کي(گڊ ٽو سي يو) چوڻ تي تنقيد جو نشانو بنايو ويو آهي مان هر ڪنهن کي عزت ڏيندو آهيان. ادب ۽ اخلاق ته سڀني جي لاءِ ضروري آهي.