پنجاب حڪومت فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي

لاهور:  پنجاب جي نگران حڪومت فوجي ملڪيتن تي حملن ۾ ملوث وڳوڙين خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائيءَ واري فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي.پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ امن امان جي صورتحال ۽ 9 مئي جي دهشتگردي جي واقعن جي ذميوارن خلاف قانوني ڪاررواين جو جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙن وڳوڙين خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ وڳوڙين خلاف ڪيسز لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي به منظوري ڏني وئي. نگران وڏي وزير 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري جلد يقيني بنائڻ جو حڪم ڏيندي دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث اصل ذميوارن جي سڃاڻپ لاءِ سمورن سيڪيورٽي ادارن کي گڏيل سهڪار ڪرڻ تي زور ڀريو.نگران وڏي وزير هدايت ڪئي ته جوابدارن، سهولتڪارن ۽ ماسٽر مائينڊ تائين پهچڻ لاءِ موثر مڪينزم جوڙيو وڃي. اجلاس دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 32 ڪيسز جي جيو فينسنگ ڪري جوابدارن کي ٽريس ڪيو پيو وڃي. تصويرن توڙي وڊيوز ۾ چهرن جي سڃاڻپ لاءِ نادرا جي ڊيٽا بيس کان مدد وٺي رهيا آهيون.محسن نقوي گرفتار ماڻهن تي الزامن جي تصديق لاءِ فول پروف طريقو اپنائڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته ڪنهن به بي گناهه کي گرفتار نه ڪيو وڃي، پروفيشنل طريقي سان ڪم ڪيو وڃي. سمورن وڳوڙين خلاف قانوني ڪارروائي کي پيشوارانه طريقي سان اڳيان وڌايو وڃي.