سکر:راڳي فنڪارا فرزانه عرف بختاور علي ۽ جيئي لطيف فنڪار ويلفئر اڳواڻ پناھ مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي۔

سکر: سکر جي مشهور راڳي فنڪارا فرزانه عرف بختاور علي سنڌ جي ثقافت ۽ صحت کاتي جي وزيرن ۔سيڪريٽريز سميت لاڳاپيل اختيارن کي اپيل ڪئي آھي ته کيس هنگامي بنيادن تي پنج لک روپيا ڏنا وڃن ته جيئئن هو علاج ڪرائي سگهي سکر ۾ پهنجي گهر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نوجوان فنڪارا فرزانه عرف بختاور علي ٻڌاو ته 2017 ۾ کيس ڪينسر جي بيماري لڳي جنهن جو علاج آغا خان اسپتال ڪراچي مان ڪرائي صحتياب ٿي هيس علاج تي لکين روپيا خرچ آيو هو جڳھ کپائڻ سميت مٽ مائٽن کان اوڌر تي پئسا ورتا هئا پر ثقافت کاتي مدد نه ڪئي هئي جڏهن ته گزريل ويھ ڏينهن کان اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ ڪري ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۽ ڊائو اسپتال مان مختلف ٽيسٽون ڪرايو آھن ۽ ڪجھ ٽيسٽن جي رپورٽون اڃان ناهن مليون آيل ٽيسٽن ۾ رپورٽ موجب ڪينسر جي علاج سبب آنڊي ۾ سوڪهڙو اچي ويو آھي جنهن جو دوائن وسيلي علاج ٿيندو ڊاڪٽرن جو چوڻ آھي ته جيڪڏهن دوائن سان فائدو نه ٿيو ته آخري حل آپريشن آھي ان لاء سنڌ حڪومت ۽ سرندي وارن کي اپيل ٿي ڪريان ته علاج ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي بيماري سبب گهريلو مالي حالتون به تمام خراب ٿي ويون آھن اڳ جيڪا سگھ هئي هاڻي ناهي رهي مهنجي حياتي بچائڻ لاء سنڌ واسي ڪردار ادا ڪن۔هوڏاهن جيئي لطيف سنڌ سنگيت فنڪار ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر محمد پناھ مهر ۽ ٻين پ پ قيادت ۔ سنڌ جي صحت ۽ ثقافت کاتي جي وزيرن۔سيڪريٽرين سميت لاڳاپيل اختيارن کان مطالبو ڪيو آھي ته فنڪارا فرزانه عرف بختاور علي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي۔