ٺڪراٺو : ٺڪراٺي ويجھو نوجوان پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري

ٺڪراٺو : ٺڪراٺي ويجھو نوجوان پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو نوجوان جي آپگھات جو سبب معلوم نه ٿي سگھيو خبر موجب ٺڪراٺو ويجھو آرڪوھر واري علائقي ۾ رھندڙ 22 ورھين جي نوجوان علي گلاب شاھ پٽ مصري شاھ مبينا پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگھات ڪري ڇڏيو علي گلاب شاھ گھر اندر ئي پنھنجي مٿان پسٽل جو فائر ڪيو جنھن کي وارث ۽ دوست ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ھيرا اسپتال سکر کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي نوجوان جي لاش کي وارث ايمبولينس ذريعي اباڻي ڳوٺ آرڪوھر کڻائي آيا نوجوان جي خودڪشي جو سبب معلوم نه ٿي سگھيو سندس وڏي ڀاءُ علي گوھر شاھ رابطي تي ٻڌايو ته ننڍي ڀاءُ علي گلاب شاھ سان اھڙو ڪوبه مسئلو نه ھيو خبر ناھي ته ھُن ڪھڙي سبب جي ڪري پاڻ مٿان گولي ھلائي زندگي جو آنت آندو نوجوان جي اڄ جمعي ڏينھن ساڍي اٺين وڳي اباڻي ڳوٺ ۾ جنازي نماز ادا ڪئي ويندي علي گلاب شاھ جي موت جو ٻڌي علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال پکڙجي وئي.