78

اسلام آباد ۾ هاري اتحاد پاران مهانگي بجلي ۽ ڀاڻ خلاف ڌرڻو ڊي چوڪ وڃڻ جي ڪوشش

اسلام آباد: هاري اتحاد طرفان مهانگي بجلي ۽ ڀاڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي مظاهرين سموريون رڪاوٽون ٽوڙي اسلام آباد ۾ داخل ٿي ويا ۽ ڌرڻو هڻي ڇڏيو مظاهرين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته ڊي چوڪ طرف وڌنداسين هاري اتحاد طرفان وفاقي حڪومت خلاف احتجاج ڪيو ويو هاري اتحاد جي ريلي جي ٽي روڊ تان اسلام آباد ۾ داخل ٿي مظاهرين ڪامپليڪس چوڪ تي ڌرڻو هنيو انتظاميه پاران ڪيترائي ڀيرا ڳالهين جي ڪوشش ڪئي وئي پر اڃان تائين اختيارين سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگهيون آهن اسلام آباد انتظاميه طرفان مظاهرين کي متبادل جڳهه جي به آڇ ڪئي وئي آهي پر هو ڌرڻو هڻڻ تي بضد آهن هارين طرفان مطالبو ڪيو ويو آهي ته بجلي جي بلن ۾ شامل واڌو ٽيڪس کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ۽ بليڪ ۾ ڀاڻ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي مظاهرين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته اسان ڊي چوڪ طرف اڳيان وڌنداسين جيستائين اسان جا مطالبا نٿا مڃيا وڃن اسان ڌرڻو هڻي ويٺل رهنداسين اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته احتجاج ۾ شامل ماڻهن کي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهي مظاهرين وٽ ڏنڊا ۽ ٻيا هٿيار به ٿي سگهن ٿا مظاهرين هاڻ طئي ٿيل مقام بجاءِ ڊي چوڪ طرف اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي بضد آهن ٻئي طرف وفاقي گادي واري شهر جي علائقي بليو ايريا ويندڙ رستا بند هجڻ سبب اسلام آباد جي مختلف روڊن تي ٽريفڪ جي رواني متاثر آهي هاري اتحاد حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته کير جون قيمتون وڌايون وڃن ڪڻڪ جي قيمت 4 هزار ۽ ڪمند جي 400 روپيه في مڻ مقرر ڪئي وڃي زراعت کي صنعت جو درجو ڏنو وڃي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو