سکر ؛ پاڪستان آرمي جي حمايت ۾ ريليون، احتجاج، خبرموجب سکر ۾ مختلف سياسي، سماجي تنظيمن پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ شهر جي مختلف علائقن کان ريليون ڪڍي گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين کي هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ پاڪستان جا جهنڊا کنيل هئا. مظاهرين جو چوڻ هو ته ملڪ دشمن قوتون پاڪستاني فوج کي بدنام ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيون آهن، ملڪ ۾ آرمي چيف ۽ فوج جي اعليٰ عملدارن خلاف غلط الزام لڳائي بدنام ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پاڪستاني فوج هميشه ملڪ ۽ قوم جي حفاظت ڪئي آهي، پاڪستان جو عوام فوج سان گڏ آهي. پاڪستان فوج جي جوانن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي ملڪ بچايو آهي. اسان کين خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.