سکر ؛ روهڙي جي ڳوٺ وڏي پٽڻي جي رهواسي پيرس عورت وزيران زال مرحوم غلام قادر شورو نافرمان پٽ جي ظلمن کان تنگ ٿي کيس کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو،

سکر ؛ روهڙي جي ڳوٺ وڏي پٽڻي جي رهواسي پيرس عورت وزيران زال مرحوم غلام قادر شورو نافرمان پٽ جي ظلمن کان تنگ ٿي کيس کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو، ۽ ميڊيا آڏو داهون ڪندي چيو آهي ته منهنجو وڏو پٽ صدام شورو پيءُ مرحوم غلام قادر جي فوت ٿيڻ بعد غلط ماڻهن جي صحبت ۾ اچي ويو آهي جنهن مختلف وقتن ۾ گهر جي هڪ ڪمري سميت کٽون پلنگ ۽ ٻيو قيمتي سامان وڪڻي ڇڏيو آهي، باقي جڳھ به وڪرو ڪرڻ چاهي ٿو، پيرسن عورت وزيران شورو وڌيڪ چيو ته صدام کي الله پاڪ پٽ جي نعمت سان نوازيو آهي، صدام مرحوم پيءُ جي ملڪيت مان پنهنجو حصو وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، بقايا جڳھ ۽ گهريلو سامان تي صدام جو هاڻي ڪوبه حق ناهي ان جڳھ ۽ گهريلو سامان تي صرف ۽ صرف منهنجي ننڍي پٽ ۽ پوٽي صدام جي ننڍڙي پٽ جو حق آهي، اڄ کان پوءِ منهنجو ۽ منهنجي ننڍي پٽ جو صدام سان ڪوبه واسطو يا تعلق نه آهي نه رهندو، جنهن ڪري اڄ کان پوءِ صدام ڪنهن سان به ڏيتي ليتي ڪندو يا ڦڏو فساد ڪندو ته ان جو ذميوار هو پاڻ هوندو،