سکر : روهڙي ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ ۽ ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاء آل پاڪستان لوڪل گورنمنٽ ايمپلائيز فيڊريشن سکر۽ اتحاد روهڙي پاران سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري لاڳاپيل ميونسپل آفيسر جي مبينا زيادتين خلاف سخت نعريبازي ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪيو.مظاهري ۾ شامل مظاهرين جي هٿن بينر۽ پلي ڪارڊ هئا جن مٿان مطالبن وار نعرا لکيل هئا ان موقعي تي علي مردان شيخ، عبدالمجيد جسڪاڻي، شاهد جتوئي،لعل خان ڌاريجو ۔گل خان ڌاريجو۔ طارق سولنگي، جڏهن ته ٻين اڳواڻن ۾ روهڙي ميونسپل ڪميٽي ملازم اتحاد جي لال خان ڌاريجو۔ ممتاز بليدي چيو ته ميونسپل ٽائون ڪميٽي تعلقي روهڙي جو سي ايم او بلا جواز ملازمن سان ناجائزي ڪندي ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آهي، ملازمن جي پگهارن جا بقايا بل ۽ پگارون نه پيو ڏئي هزارين روپيا رشوت وٺي پگهارن مان ڪٽوتي ڪري رهيو آھي جڏهن ته گزريل پنج سالن کان وڌايل پگهار جي ڊيفرنس بل ٺاهڻ لاء رشوت گهري پيو نه ڏيڻ تي ڊيفرنس بل نه ٿو ٺاهي سي ايم او روهڙي ميونسپل ڪميٽي ۾ رشوت جو بازار گرم ڪري رکيو آھي جائز ۽ ناجائز بل رشوت ڏيڻ تي ٺاهي پيو ملازم اڳواڻن مڪاني کاتي واري سنڌ جي وزير سيد ناصر حسين شاھ۔سيڪريٽريبلديات ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آھي ته چيف ميونسپل آفيسر روهڙي کي هٽائي ملازمن جا رهيل پگهارون ۽ ڊيفرنس بل پاس ڪرائي ملازمن ۾ پکڙيل بيچني ختم ڪرئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو۔