اسلام آباد پوليس طرفان شهرين کي غيرقانوني طورگرفتار ڪري انهن کان ڪروڙين روپين جو ڀُنگ وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ان ڏس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايڇ او اسنڊسٽريل ايريا کي فوري طور معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهاگيري شهري محمد اويس پراچا جي درخواست تي ايس ايڇ او ڊسٽريل ايريا جي معطلي جو حڪم جاري ڪندي چيو ته درخواستگذار الزام هنيو آهي ته سندس والد محمد نعيم پراچا کي ايس ايڇ او انڊسٽريل ايريا اسلام آباد غيرقانوني طور تي اغوا ڪري ٿاڻي تي بند ڪيو ۽ ان کي ڇڏڻ لاءِ 6 ڪروڙ روپيا گهريا ويا عدالت مغوي کي بازياب بازياب ڪرائي روزنامچي ۽ ايس ايڇ او کي پيش ڪرڻ لاءِ آرڊر جاري ڪندي چيو ته مغوي کي فوري طور بازياب ڪرائي ٿاڻي جو روزاني وارو ڪتابچو۽ ايس ايڇ او کي فوري طور عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي
