54

ڪنڌڪوٽ : رسالدار ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل نينگر محمد عظيم ميڻڪ بازياب نه ٿي سگھيو سندس جي اغوا خلاف ۽ بازيابي لاء

ڪنڌڪوٽ : رسالدار ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل نينگر محمد عظيم ميڻڪ بازياب نه ٿي سگھيو سندس جي اغوا خلاف ۽ بازيابي لاء جماعت اسلامي جي سڏ تي مختلف سیاسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان گھنٽا گھر چوڪ تي حافظ نصر اللّٰه چنه، غلام مصطفي ميراڻيٰ، وڪيل عبدالغني بجاراڻي، ظريت ساگر بجاراڻي، مولوي خان محمد ملڪ، مولوي محمد ابراھيم خاڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئي جنھن ۾ سوين شھرين شرڪت ڪري امن ڏيو، معصوم نينگر کي بازياب ڪرايو، اغوا ڦرون بند ڪرايو جا نعرا ھڻندي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي ۽ ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته پوليس جو ڪم زيرو آهي پوليس جي مڪمل خاموشي آهي ڏوھاري سري عام بنا ڪنهن خوف سان وارداتون ڪري معصوم ٻارن کي به اغوا ڪن ٿا جنهن ڪري ڪاروبار متاثر ٿيو آهي اڳ ڪاروباري طبقو روزاني دوڪان تي ويندو ھو پر اڄ ھر روز امن لاءِ احتجاج ۾ وڃن ٿا عورتن کان ڦرون ٿيون، دوڪانن مان ڦرون ٿيون ڀتو نه ڏيڻ تي واپاري مٿان قاتلاڻو حملو ٿيو پر ھاڻي معصوم نينگر معصوم ٻچڙا به اغوا ٿين ٿا جيڪو عمل انتھائي ڏکايل آهي اسين آخر ڪاڏي وڃون ھي ظلم ڪيستائين برداشت ڪيون خدارا جاڳو حڪمرانو اسان کي روڊ، فنڊ ڪجهه نه ڏيو پر امن ڏيو سڪون سان زندگي جيئڻ ڏيو امن تباهه آهي ھر ھڪ گھر پريشان آهي پر چونڊيل نمائيندا به صرف ووٽ وٺڻ لاءِ ظاھر ٿيندا آهن اسين احتجاج ڪري ميڊيا جي مدد سان وس وارن کي اپيل ڪيون ٿا ته محمد عظيم ميڻڪ سميت اغوا ٿيل سمورن مغوين کي بازياب ڪرائي امن قائم ڪيو وڃي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو