62

هاري اتحاد ۽ وفاق وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهيون ناڪام گهرو وزير راڻا ثناءُالله کي آخري وارننگ

اسلام آباد : وفاقي حڪومت ۽ هاري اتحاد وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهيون هڪ دفعو ٻيهر ناڪام ٿي ويون هاري اتحاد وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله کي آخري وارننگ ڏئي ڇڏي آهي هاري اتحاد يونين جي سربراهه ۽ وفاقي حڪومت ۾ ڳالهيون اڄ به اسلام آباد ۾ ٿيون هاري اتحاد جي چيئرمين خالد حسين مختصر وفد سان ڳالهين لاءِ پهتو ان موقعي تي صحافين سان ڳالهين ۾ خالد حسين دعويٰ ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ طارق چيمه سبب ڳالهيون نه پيون ٿين پر راڻا ثناءُالله يقين ڏياريو آهي ته بجلي جي في يونٽ پئسن ۾ گهٽتائي آڻينداسين هن چيو ته اسان جا مطالبا مڃيا ويا ته حڪومت جو ٿورو ادا ڪري اڄ ئي واپس هليا وينداسين ٻئي طرف ڳالهيون ختم ٿيڻ کان پوءِ خالد حسين جڏهن ٻاهر آيو ته هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت اهو وساري ڇڏي ته اوهان اسان کي ڊيڄاري واپس ڪري ڇڏيندو اسان راڻا ثناءُالله کي آخري وارننگ ڏئي رهيا آهيون اڄوڪيون ڳالهيون ناڪام ٿي ويون هاڻ اسان پنهنجن ماڻهن سان ڳالهيون ڪنداسين ته اسان کي ريڊ زون ڏانهن وڌڻو آهي يا نه ايندڙ لائحه عمل اسان جو ريڊ زون ڏانهن وڃڻ آهي خالد حسين چيو ته گهرو وزير اسان کي چيو آهي ته اسان کي اڱاري تائين جو وقت ڏيو اسان اوهان جا مطالبا پورا ڪنداسين پر حڪومت سنجيده نظر نه پئي اڄ حڪومت جو رويو صحيح نه هو اسان هاري مرڻ لاءِ تيار آهيون واپسي جو ڪوبه آپشن ناهي اسان 3 ڪلاڪن کان پوءِ سموري پاڪستان جي هارين کي احتجاج جو سڏ ڏينداسين اسان صلاح مشوري کان پوءِ ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪنداسين راڻا ثناءُالله سومر جي رات جو واعدو ڪيو آهي پر اڄ راڻا ثناءُالله جي رويي ۾ سختي هئي وفاقي گهرو وزير کي مخاطب ٿيندي هن چيو ته راڻا ثناءُالله اسان اوهان جي رويي کان ڊڄڻ وارا نه آهيون اسان هاڻ پوري پاڪستان جي هارين سان رابطو ڪنداسين اسان کي پنهنجن هارين سان صلاح مشوري جي لاءِ 2 کان 3 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا جيڪڏهن منهنجي دوستن چيو ته اڱاري جو انتظار ڪرڻو آهي ته اسان هتي ئي انتظار ڪنداسين

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو