لاهور : پنجاب جي شهر ڪوٽ ادو جي هڪ گهر ۾ پراسرار ڌماڪي سبب ٻارڙي سميت 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب ڪوٽ ادو جي علائقي دائره دين پناهه جي هڪ گهر اندر ڌماڪي سبب ٻارڙي سميت 5 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. فوت ٿي ويل ماڻهن جو تعلق هڪ ئي خاندن سان آهي.ريسڪيو اختيارين موجب امدادي سرگرميون جاري آهن فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي. رپورٽ موجب مارجي ويل ماڻهو ڪٻاڙي جو ڪم ڪندا هئا ۽ ڌماڪي وقت به ڪٻاڙ جي سامان جي ڇانٽي ڪري رهيا هئا.پوليس ترجمان موجب مارجي ويل ماڻهن جي سڃاڻپ محمد اقبال، محمد بلال، حسينه، شانو ۽ سعديه بي بي جي نالي سان ٿي آهي.آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي پوليس آر پي او ڊي جي خان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. آءِ جي چيو ته واقعي جون اصل حقيقتون سامهون اچڻ کان پوءِ سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي