لاهور : هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي نظربندي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي، آزاد ڪرڻ جو حڪم

لاهور : هاءِ ڪورٽ پنجاب جي 11 ضلعن مان پاڪستان تحريڪ انصاف ڪارڪنن جي نظربندي ڪالعدم قرار ڏيندي سمورن ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جسٽس صفدر سليم شاهد درخواستن تي 9 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت ٻين ماڻهن جي نظربندي جا حڪم قانون جي خلاف قرار ڏئي ڇڏيا آهن.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 9 مئي جي حيران ڪندڙ واقعن تي پرامن ۽ جمهوري ملڪ جي زبون حالي واري تصوير پيش ڪئي وئي. امن امان قائم رکڻ حڪومت جي ذميواري هئي.عدالت لاهور، وزيرآباد، جهنگ، شيخوپوره، حافظ آباد، يالڪوٽ، منڊي بهاءُالدين، گجرات، ننڪانه صاحب، گوجراناوا ۽ ناروال ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي نظربندي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 9 مئي تي سياسي اڳواڻن جي گرفتاري تي سڄي ملڪ ۾ افسوسناڪ رد عمل آيو. حڪومت 9 مئي واري واقعي تي بنا سوچڻ سمجهڻ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن جي نظربندي جا حڪم جاري ڪيا. حڪومت وٽ جيڪڏهن شاهديون موجود هيون ته فوجداري ڪيسن ۾ گرفتاري لاءِ گهڻو وقت هو.جسٽس صفدر سليم شاهه چيو ته گرفتار ماڻهن کي الزامن جي خبر ته هجڻ گهرجي جيئن هو پنهنجو دفاع ڪري سگهن. بنا ڪنهن ڪيس جي شهرين کي کڻي جيلن ۾ وجهڻ افسوسناڪ عمل آهي. ڊپٽي ڪمشنرز طرفان ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر جي رپورٽ تي شهرين کي جيلن ۾ وڌو ويو. ڊپٽي ڪمشنرز جو نظربندي وارو فيصلو پاڻ پبلڪ مينٽيننس آرڊيننس(ايم پي او) 1960 جي سيڪشن 3 جي ڀڃڪڙي آهي. سمورن نظر بند ماڻهن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.