سکر : سمال ٽريڊر اينڊ ڪاٽيج انڊسٽري جي حاجي محمد شفيع عباسي سان واپڊا هائيڊرو يونين جي ريجنل سيڪريٽري شجاعت علي گهمرو پنهنجي اسٽاف سميت ملاقات ڪئي ۽

سکر : سمال ٽريڊر اينڊ ڪاٽيج انڊسٽري جي حاجي محمد شفيع عباسي سان واپڊا هائيڊرو يونين جي ريجنل سيڪريٽري شجاعت علي گهمرو پنهنجي اسٽاف سميت ملاقات ڪئي ۽ شجاعت حسين گھمرو پاران نون عهديدارن کي حاجي شفيع ۽ ٻين سان تعارفي ملاقات ڪرائي ، ۽ حاجي شفيع کي سندس آل سکر اسمال ٽريڊرز اينڊ ڪاٽيج انڊسٽري جو سپريم ڪونسل چيئرمين مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. سپريم ڪائونسل آف آل سکر سمال ٽريڊرز اينڊ ڪاٽيج انڊسٽري جي چيئرمين پاران سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ جو تعفو پيش ڪيو ، ان موقعي تي حاجي شفيع جو چوڻ هو ته تاجر ۽ شهرين جي حقوق ۽ مسائل جو هر سطح تي اجاگر ڪندي هميشه هل ڪرايا آهن،اڃ به اسان عمل جي ميدان ۾ آهيون، حاجي شفيع شجاعت حسين گهمرو کي بجلي جي بلن ۽ واپارين کي درپيش مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو،ان موقعي تي شجاعت گهمرو تاجر برادري جا مسائل ٻدا ۽ حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي هن موقعي تي زونل انفارميشن سيڪريٽري نظر محمد ميمڻ، زونل وائيس چيئرمين عبدالخالق سيٺار، زونل سيڪريٽري عبدالرئوف دايو، واپاري ظهير ڀٽي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.