شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي شھيد بينظير ڀٽو چيئر ھال ۾ يونيورسٽي جي ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران ملازمن لاءِ 50 ھزار ھائوس بلڊنگ لون جا 50 ڪڻا ۽ پيڊل سائيڪل جا 25 ڪڻا ڪڍڻ واري سالياني تقريب وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي صدارت ۾ ٿي گذري ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته ملازم يونيورسٽي ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکن ٿا. وقت سر ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪيا ويا آهن. ھن ملازمن کي ھدايت ڪئي ته اداري جي والھانہ خدمت ڪئي وڃي. ڊاڪٽر ابوپوٽو اظهار ڪندي چيو تہ ماضي ۾ يونيورسٽي اندر لاتعداد مسئلا درپيش ھئا جن کي حل ڪيو آهي. ھن چيو تہ ھي ادارو اسان جو پنهنجو ادارو آهي ۽ ھن کي وڌيڪ ترقي ڏيارڻ لاءِ سڀني اسٽيڪ ھولڊرز کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر حاڪم علي ڦلپوٽو تقريب ۾ آيل سڀني معزز مھمانن ۽ ملازمن کي ڀليڪار پيش ڪندي چيو ته وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي متحرڪ ۽ مدابرانہ قيادت ۾ يونيورسٽي لاءِ ھميشه ڪوشان رھنداسين. تقريب ۾ پروفيسر ڊاڪٽر اختيار علي گھمرو، پروفيسر ڊاڪٽر محمد سليم راھپوٽو، پروفيسر ڊاڪٽر حسام الدين شيخ، مريد حسين ابوپوٽو رجسٽرار، سيد مھدي شاھ راشدي ڪنٽرولر امتحانات، عمران علي سومرو، زوھيب شفقت ميمڻ، عبدالوحيد سانگري، سيد سفير حسين شاھ، لطيف ڏنو پھوڙ، لياقت علي ڏوگر، گلمير ڪٽوھر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان کان اڳ سمورن مھمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا.
