اسلام آباد : وفاقي ڪابينه سائفر جي آڊيو ليڪس معاملي تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اسد عمر شاهه محمود قريشي ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سيڪريٽري اعظم خان خلاف قانوني ڪارروائي جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي رپورٽ موجب ڪابينه ڊپلوميٽڪ سائفر بابت آڊيو ليڪ تي ايف آءِ اي ذريعي جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جي منظوري ڏني آهي ڪابينه 30 سيپٽمبر تي عمران خان جي سائفر بابت آڊيو ليڪ تي ڪابينه ڪميٽي جوڙي هئي ڪابينه ڪميٽي پهرين آڪٽوبر کان منعقد اجلاس ۾ قانوني ڪارروائي جي سفارش ڪئي هئي ڪابينه ڪميٽي سفارشن کي سمري جي شڪل ۾ ڪابينه جي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو جنهن بعد وفاقي ڪابينه سرڪيوليشن ذريعي ڪابينه ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏني ڪابينه ڪميٽي پنهنجي سفارشن ۾ چيو آهي ته اهو قومي سلامتي جو معاملو آهي جنهن جا قومي مفادن تي سنگين اثر پئجي رهيا آهن ان لاءِ قانوني ڪارروائي لازمي آهي ايف آءِ اي جي سينئر اختيارين تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي آهي سفارشن ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي انٽيليجنس ادارن کان به آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ٽيم ۾ شامل ڪري سگهي ٿي ايف آءِ آر جي ٽيم ڏوهه ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪندي ياد رهي ته ڊپلوميٽڪ سائفر بابت عمران خان جي پهرين آڊيو 20 سيپٽمبر ۽ ٻئي آڊيو 30 سيپٽمبر تي سامهون آئي هئي آڊيو ليڪس ۾ عمران خان اعظم خان شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر سائفر کي تبديل ڪرڻ جي باري ۾ مشورا ڪري رهيا آهن
