83

عورت جج کي ڌمڪين وارو ڪيس: عمران خان جي عبوري ضمانت منظور

اسلام آباد : تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي عمران خان طرفان گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي لاءِ درخواست ڊاڪٽر بابر اعواڻ ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي هئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي 10 هزار روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ ۽ عدالت طرفان عمران خان کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت 7 آڪٽوبر تائين منظور ڪري ورتي گذريل ڏينهن عورت جج کي ڌمڪي بابت ڪيس ۾ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿي چڪا هئا جنهن کان فورن بعد ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن طرفان احتجاج ڪيو ويو. جڏهن ته پارٽي اڳواڻن عمران خان کي ريڊ لائن قرار ڏيندي حڪومت کي عمران خان جي گرفتاري کان روڪڻ جو مشورو ڏنو هاڻ اهي خبرون آهن ته اسلام اباد هاءِ ڪورٽ اڄ ڇهين ڏينهن به کلي وئي آهي ۽ هاءِ ڪورٽ ڊائري برانچ جو عملو عدالت پهچي ويو آهي ڊائري برانچ جو اسسٽنٽ رجسٽرار اسد خان هاءِ ڪورٽ پهچي ويو آهي ذريعن موجب عمران خان گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو