اسلام آباد : سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي نااهلي لاءِ داخل ڪيل درخواست تي اعتراض واري ڇڏيا آهن.درخواست تي اعتراض لڳايو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 248 جي تحت صدر عارف علوي کي ڌر نٿو بڻائي سگهجي. جڏهن ته درخواست ۾ عوامي مفاد ۽ بنيادي حقن جي سوال جي باري ۾ به نه ٻڌايو ويو آهي.ان کان علاوه 184(3) جي استعمال جي حوالي سان اٿاريل نڪتا تسلي بخش نه آهن جڏهن ته درخواستگذار ڪنهن ٻئي لاڳاپيل فورم سان رابطو نه ڪيو آهي نه ئي رابطي ڪرڻ جو سبب ٻڌايو آهي. جڏهن ته درخواست لکندڙ وڪيل جو نالو به نه ٻڌايو ويو آهي.امتياز نالي شهري صدر عارف علوي جي نااهلي خلاف درخواست داخل ڪئي هئي.