ڄامشورو ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل

ڄامشورو : ڄامشورو پل ڀرسان رڪشا اسٽاپ تي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن جي فائرنگ گوليون لڳڻ سبب 26 سالا نوجوان نظير احمد بروھي ولد فقير محمد بروھي مارجي ويو لاش لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو.ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول باء پاس ھوٽل تي مزدوري ڪندو ھو جوڳي ڳوٺ لڳ ٿرمل پاور ھائوس ۾ رھائش پذير ھوپوليس موجب نوجوان اصل پاندي شرو ڳوٺ بلوچستان جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته قتل جو ڪارڻ ذاتي دشمني ٿي سگھي ٿو. فوتي جي وارثن جي اچڻ بعد وڌيڪ خبر پئجي سگھي ٿي.