ڪراچي : سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻوڏ ۽ برسات جو پاڻي اڃان تائين نيڪال ناهي ٿي سگهيو جنهن سبب پيدا ٿيندڙ وبائي بيمارين سبب فوتگين جي انگ ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي ٻوڏ ۽ برسات جي پاڻي سبب پيدا ٿيندڙ وبائي مرضن جو شڪار ٿي ضلعي دادو ۾ وڌيڪ 3 ٻوڏ متاثرين فوت ٿي ويا دادو ضلعي ۾ هڪ مهيني دوران فوتين جو انگ 46 ٿي ويو آهي دادو ۾ وبائي بيمارين سبب ٽيڪنيڪل ڪاليج دادو، ميهڙ جي ڳوٺ دوست چانڊيو ۾ فلڊ پروٽيڪٽيو بند ۽ ڳوٺ احمد چانڊيو ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا مختلف بيمارين سبب فوت ٿي ويا. مليريا ڊائريا ۽ گيسٽرو سبب فوتين جو انگ 46 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته سموري ضلعي ۾ 32 ڏينهن دوران مريضن جو انگ 2 لک 5 هزار 401 تائين پهچي ويو آهي سانگهڙ ۽ مٽياري ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 26 جڏهن ته ضلعي ڄامشورو ۾ فوتين جو انگ 44 تائين پهچي ويو آهي قمبر شهدادڪوٽ ۾ 22 ۽ ٽنڊوالهيار ۾ 15 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن ڄامشورو ضلعي جي صحت کاتي طرفان جاري ڪيل ٻوڏ متاثرين جي فوتگين ۽ بيمار ماڻهن جي انگن اکرن موجب ضلعي ۾ ٻوڏ، برساتن ۽ موذي بيمارين سبب فوتين جو انگ 44، جڏهن ته جولاءِ کان 28 سيپٽمبر تائين مختلف مرضن ۾ مبتلا ٻوڏ متاثرين جو انگ 98 هزار 859 تائين پهچي ويو آهي سانگهڙ ۾ 4 هزار 6 سئو 72 وبائي مرض ۾ مبتلا ٿيا. هينئر تائين 28 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته مٽياري ۾ 5 هزار متاثر وبائي مرضن ۾ مبتلا آهن گيسٽرو ۽ مليريا سبب 26 متاثرين فوت ٿي ويا آهن قمبر ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب 6 عورتن سميت 22 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ٽنڊوالهيار جي 26 يونين ڪائونسلن ۾ برساتن سبب مختلف حادثن ۾ 15 ڄڻا فوت ٿي ويا ضلعي انتظاميه موجب ضلعي ۾ 26 هزار 2 سئو 37 گهرن کي جزوي نقصان پهتو 5 هزار 2 سئو 15 گهر مڪمل تباهه ٿيا. ٻئي طرف دادو ۾ ناره ويلي ڊرين ۽ حفاظتي بندن تي لکن جي انگ ۾ ٻُڏ متاثرين کليل آسمان هيٺ امداد جي اوسيئڙي ۾ آهن جڏهن ته سنڌ هاري ڪميٽي طرفان ميهڙ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين جوهي برانچ ۾ ڪاري موري تي لڳايل ڪٽ کي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ربيع جي سيزن آهي، زمينن مان پاڻي نه نڪتو ته ڪڻڪ جي پوکي نه ٿي سگهندي
