74

سنڌ ۾ ٻوڏ صورتحال سبب هڪ مهيني کان غير فعال بڻيل ريلوي ٽريڪ بحال

ڪراچي : سنڌ ۾ ٻوڏ صورتحال سبب غير فعال بڻيل ريلوي ٽريڪ کي بحال ڪيو ويو آهي جڏهن ته پهرين ٽرين رحمان بابا ايڪسپريس صبح جو 10 وڳي ڪراچي کان راولپنڊي جي لاءِ رواني ٿي وئي آهي رپورٽ موجب سنڌ ۾ ٻوڏ صورتحال سبب 28 آگسٽ کان غير فعال ريلوي ٽريڪ کي بحال ڪيو ويو آهي ڪراچي کان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي لاءِ ٽرينن کي مرحليوار شروع ڪيو پيو وڃي پهرين ٽرين رحمان بابا اڪسپريس صبح جو 10 وڳي ڪراچي کان فيصل آباد راولپنڊي جي لاءِ رواني ڪئي وئي جڏهن ته پشاور کان هلائي ويندڙ خيبر ميل اڄ بنپهرن جو ڪراچي پهچندي جيڪا رات جو سوا 10 وڳي پشاور جي لاءِ رواني ڪئي ويندي ريلوي انتظاميا واشنگ لائن اسٽاف کي صبح 8 وڳي تائين رحمان بابا ايڪسپريس کي تيار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن ڊويزنل ٽرانسپورٽ آفيسر ريلوي پوليس کي به مسافرن جي سيڪيورٽي جي لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻوڏ صورتحال سبب ڪراچي کان صرف 2 مسافر ٽرينون هلايون پئي ويون ٻئي ٽرينون مهراڻ ايڪسپريس ۽ شاهه لطيف ايڪسپريس حيدرآباد، ميرپورخاص جي لاءِ روانيون ڪيون وينديون هيون جڏهن ته ڪراچي کان ڌاٻيجي جي لاءِ لوڪل ٽرين ڪي سي آر سروس ٻوڏ صورتحال ۾ به بحال رهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو