91

ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪڏهن ٿينديون ڪهڙا مهينا خطرناڪ هوندا: منظور وساڻ نيون اڳڪٿيون ڪري ڇڏيون

ڪراچي : پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ ملڪي سياسي صورتحال جي حوالي سان نيون اڳڪٿيون ڪيون آهن منظور وسااڻ جيڪو خواب ڏسڻ جي حوالي سان مشهور آهي ان آڪٽوبر ۽ نومبر جي حوالي سان هڪ ٻئي دعويٰ ڪري ڇڏي ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي منظور وساڻ چيو ته آڪٽوبر ۽ نومبر خطرناڪ مهينا آهن ملڪ ۾ نيون چونڊون 2023 ۾ ٿينديون اهو به ٿي سگهي ٿو ته چونڊون هڪ سال جي لاءِ اڳيان هليون وڃن هن چيو ته ملڪ ۾ جڏهن به چونڊون ٿين اهي بنا ڪنهن ڌانڏلي جي هجن ۽ حڪومت جو مدو به پورو ٿئي منظور وساڻ چيو ته هاڻ پراڻا چهرا آرام ڪندا ۽ نوان چهرا جيلن ۾ ويندا ڪجهه خيرپور جيل ۾ به ايندا انهن جي خدمت مان ڪندس پ پ اڳواڻ چيو ته ملڪ ۾ هاڻ ڪيترائي راز به فاش ٿيندا حڪومت به حرڪت ۾ ايندي ۽ اسٽيبلشمينٽ به حرڪت ۾ ايندي منظور وساڻ چيو ته مون اڳ ئي چيو هو ته گهڻيون آڊيوز ۽ وڊيوز ليڪ ٿينديون جيڪي هاڻ سڀ ڏسي رهيا آهن

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو