94

تحريڪ انصاف اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : تحريڪ انصاف اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ سينيٽر شهزاد وسيم جي قيادت ۾ ريفرنس اعظم سواتي جمع ڪرائي ڇڏيو تحريڪ انصاف ريفرنس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي وٽ جمع ڪرايو آهي ريفرنس ۾ يوسف رضا گيلاني جي اهليت تي سوال اٿاريا ويا آهن ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته يوسف رضا گيلاني آصف زرداري ۽ نوازشريف کي توشه خانه مان قيمتي گاڏيون ڏنيون يوسف رضاگيلاني پنهنجن اختيارن جو غلط استعمال ڪيو.
ريفرنس ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ مان ڊي سيٽ ڪيو وڃي هو سينيٽ جو ميمبر نٿو بڻجي سگهي سينيٽر اعظم سواتي چيو ته ريفرنس جي شڪل ۾ هن کي اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو ويندو يوسف رضا گيلاني پنهنجي حلف جي پاسداري ناهي ڪئي آرٽيڪل 63 تحت هاڻ هو سينيٽ جو ميمبر نٿو رهي سگهي
سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ريفرنس وصول ڪيو هن چيو ته قانون موجب ريفرنس جو جائزو وٺنداسين

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو